اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان جو فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل تي زور، پرڏيهي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار بريفنگ ۾ چيو آهي ته عالمي برادري فلسطين مسئلي جي پائيدار حل لاءِ ذميواريون پوري ڪري، عالمي برادري غزا جي نئين سر تعمير لاءِ منصوبو جوڙي، هو ٻيڙي حادثي جي متاثرن کي واپس آڻڻ لاءِ مراڪش اختيارين سان رابطي ۾ آهن، ٻيڙي حادثي معاملي تي مراڪش اختيارين ڀرپور سهڪار ڪيو آهي