تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل جي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز چيو آهي ته ايراني سپريم ليڊر کي مارڻ چاهيون پيا پر آپريشنل موقعو نه مليو.
خامنه اي کي ڄاڻ هئي ته مٿس حملو ٿيڻ وارو آهي، ان ڪري هو روپوش ٿي ويو ۽ خامنه اي پاسداران انقلاب جي نون ڪمانڊرز سان رابطو ختم ڪري ڇڏيو هو.
اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز جو اسرائيلي ميڊيا کي انٽرويو.
سندس چوڻ هو ته ايران ايٽمي پروگرام ٻيهر شروع ڪري ٿو ته اسرائيل وري حملو ڪري سگهي ٿو، حملي لاءِ آمريڪا کان گرين سگنل مليل آهي.