ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت کاتي جِي صوبائي وزير عذرا پيچوهو جو ڪيٽي بندر ۽ گھوڙاٻاري جي سامونڊي پٽيءَ جي مختلف صحت مرڪزن جو دورو، ٺٽي ضلعي ۾ تازو پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ تي صحت کاتي جي انتظاميه کان پڇاڻو ڪيو، تعلقي اسپتال گهوڙاٻاري جي پي سي ون ۽ ايس اين اِي کي منظور ڪرائي عملي جي مقرري يقيني بڻائڻ جي هدايت، عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ سرڪار صحت جي حوالي سان انقلابي قدم کنيا آھن، لکين رپين ۾ ٿيندڙ علاج هاڻي مفت ۾ ٿي رھيا آھن.