پاڪستاني فوج، سياسي قيادت، عوام ۽ ميڊيا دشمن جي ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو: شهباز شريف
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تي ڀارت جي بناجواز اڳرائي ۾ الله پاڪ اسان کي شاندار فتح عطا ڪئي.
پاڪستاني فوج، سياسي قيادت، عوام ۽ ميڊيا دشمن جي ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، پاڪستان جي فتح دنيا ۾ پاڪستان جو وقار بلند ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ 2025 جي منظوري کان پوءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.
هن چيو ته معاشي ٽيم عوام دوست بجيٽ تيار ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪئي، پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ سڀني کي ڏينهن رات گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ سفارتي وفد پاڪستان جو موقف واضح ڪيو، سندس اڳواڻي ۾ وفد دنيا جي سامهون ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي وائکو ڪيو.