سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم اجلاس
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جو وڏو فيصلو، نئين مالي سال ۾ وڏي انگ ۾ اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ بسون آڻڻ جو اعلان.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم اجلاس.
سندس چوڻ آهي ته ايندڙ مهينن ۾ ڊبل ڊيڪر بسون به ڪراچي جي روڊن تي هلنديون، ڪراچي جي ٽرانسپورٽ نظام کي مڪمل طور تي اي وي بسز تي منتقل ڪرڻ جو ارادو آهي.
پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڊبل ڊيڪر اي وي بسون سنڌ حڪومت آڻڻ پئي وڃي، بي آر ٽي منصوبا ڪراچي جي ماڻهن لاءِ انقلابي تبديلي آڻيندا.
اجلاس ۾ ريڊ لائين ۽ ريلو لائين بي آر ٽي جي جاري اڏاوت جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي کاتي جا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.