نوجوان آفيسر ديانتداري ۽ وطن سان خلوص جا اعليٰ ترين معيار اختيار ڪن: فيلڊ مارشل عاصم منير
راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) فيلڊ مارشل پاران ادارن وچ ۾ هم آهنگي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٽر قرار.
آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته نوجوان آفيسر ديانتداري ۽ وطن سان خلوص جا اعليٰ ترين معيار اختيار ڪن، نوجوان آفيسر قوم جي خدمت کي پنهنجو نصب العين بڻائين.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير سان سول سروسز اڪيڊمي جي 52هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن جي ملاقات.
فيلڊ مارشل قومي سلامتي، داخلي ۽ خارجي چئلينجز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، علائقائي امن ۽ استحڪام جي تحفظ ۾ فوج جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ.