اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل ايوان مان منظور ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس دوران صحافين پاران پيڪا ايڪٽ ترميم بلي جي ايوان ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، وفاقي وزير رانا تنوير پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025ع خلاف صحافين پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو، صحافتي تنظيمن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پيڪا ايڪٽ ترميمي بل رد ڪري ڇڏيو، جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جو موقف آهي ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم صحافتي تنظيمن جي مشاورت کان سواءِ ڪئي وئي، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي ۾ پي ايف يو جي، اي پي اين ايس، ايمينڊ، سي پي اين اي، پي بي اي شامل آهن، جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي موجب پيڪا ترميم جو مسودو هن وقت تائين شيئر ناهي ڪيو ويو.