تازہ ترین

سمورن مسئلن جو حل رڳو ڳالهين ۾ ئي آهي: سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سمورن مسئلن جو حل رڳو ڳالهين ۾ ئي آهي، پيپلزپارٽي سياسي ڳالهين جي حمايت ڪري ٿي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته فلسطين ۽ اسرائيل مسئلي جو حل به ڳالهين ذريعي نڪتو، ڪينالز معاملي تي پيپلزپارٽي جو چٽو موقف آهي، پي ٽي آءِ باني کي پنهنجي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو، 9مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ ريڊيو اسٽيشن تي حملو ڪيو ويو هو. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني گرفتاري تي احتجاج ۽ باهيون ڏيڻ جي هدايت ڪئي،  مقبول ليڊر کي 14 سال قيد جي سزا ملي، ڪو به ٻاهر نه نڪتو، پي ٽي آءِ باني ٻين کي چور ۽ پاڻ کي ايماندار شخص چوندو هو، پي ٽي آءِ شروع کان ئي سيلڪٽو سسٽم کڻي آئي هئي. شرجيل ميمڻ موجب پيپلزپارٽي هميشه آزاد صحافت جي حمايت ڪئي آهي، سنڌ حڪومت مختلف صحافتي تنظمين کي فنڊ به ڏنا آهن، صحافين جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، نٿا چاهيون ته صحافين تي ڪنهن به قسم جي پابندي هجي. شرجيل ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت عوام کي بهترين سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪم ڪري پئي، عورتن لاءِ سيڪيورٽي جي حوالي سان به قدم کڻي رهيا آهيون، حڪومت جي ڪوشش آهي ته معاشري جي هر سيڪٽر کي بهتر بڻايو وڃي، سنڌ ۾ آلودگي کان پاڪ ٽرانسپورٽ متعارف ڪرائي رهيا آهيون، وڏو وزير سٺو ڪم ڪري پيو، کيس ڇو تبديل ڪيو ويندو؟

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.