اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت ۽ ميڊيا گڏيل اعتماد جو رسٽو آهي، حڪومت تي ميڊيا جي تعميري تنقيد گورننس جي بهتري لاءِ ضروري آهي، ميڊيا جي تعميري تنقيد جي حڪومت ڀرپور آجيان ڪري ٿي، ملڪ ۾ راءِ جي اظهار جي مڪمل آزادي آهي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، حڪومت ان تي يقين رکي ٿي.