ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سان چائنيز گورنمينٽ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي وفد جي ملاقات، ملاقات ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ورڪس اينڊ سروس واري صوبائي وزير علي حسن زرداري شرڪت ڪئي، چائنيز اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن لميٽيڊ جو نمائندو شريڪ ٿيو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت منصوبن تي چيني ڪمپني سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ سرڪار مختلف منصوبن تي چيني ڪمپني سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. صدر آصف علي زرداري جلد چين جو دورو ڪري رهيو آهي، وڏي وزير چيو ته صدر زرداري جي دوري دوران منصوبن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، وڏي وزير جي ناصر حسين شاهه کي منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت.