اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آئيني بينچز جي اختيارن جو ڪيس مقرر نه ڪرڻ وارو معاملو، ايڊيشل رجسٽرار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عدالتي ٻانهن ٻيلي عدالت ۾ پيش ٿيو، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي، عدالتي معاون حامد خان، خواجا حارث ۽ احسن ڀون عدالت ۾ پيش، اٽاني جنرل به موجود هئا، عدالتي ٻانهن ٻيلي حامد خان روسٽرم تي اچي دليل جاري رکيا. ان مقويع تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا جڊيشل آرڊر کي انتظامي آرڊر سان تبديل نه ٿو ڪري سگهجي؟ جنهن تي ٻانهن ٻيلي حامد خان چيو ته انتظامي آرڊر سان عدالتي حڪمنامو تبديل نٿو ٿي سگهي. عدالت چيو ته ڇا جڊيشل آرڊر جي موجودگي ۾ ججز ڪميٽي ڪيس واپس وٺي سگهي ٿي؟ ان تي حامد خان جواب ڏنو ته ڪجهه ججز کي گهٽ ۽ ڪجهه کي وڌيڪ اختيار ملن، اهو نٿو ٿي سگهي.