اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) توشا خانه ٽو ڪيس ۾ بريت جي درخواستن تي ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بريت جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايف آءِ اي کان 28 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيل توشا خانه ٽو ڪيس جي ٽرائل تي اسٽي آرڊر ۽ ڪيس ٻي بينچ ڏانهن موڪلڻ جي استدعا ڪئي.