غوثپور (ويب ڊيسڪ) غوثپور ڀرسان مهينو اڳ قتل ٿيل علي حيدر اوڳاھي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ تي چڙهائي، پوليس ٽن گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، متاثر ڳوٺاڻن جو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان علي حيدر اوڳاھي جي قتل ۾ ملوث ناهيون، مٿن ڪوڙو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جاچ ڪري ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي.