تازہ ترین

Dharti TV News

بلاول ڀٽو زرداري جون هدايتون آهن ته ايگريڪلچر توڙي لائيو اسٽاڪ کي اڳتي آندو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لائيو استاڪ ايڪسپو سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته لائيو اسٽاڪ ميلي جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، لائيو اسٽاڪ جو ميلو تمام بهترين آهن، لائيو اسٽاڪ سيڪٽر کي وڌيڪ ترقي وٺرائي ويندي. زراعت ۾ سڌارن جي […]

پاڪستان ۾ واحد صوبو سنڌ آهي، جتي پنڪ بس هلي پئي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي سوال جا جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ واحد صوبو سنڌ آهي، جتي پنڪ بس هلي پئي، صوبي ۾ ٽرانسپورٽ […]

آئيني بينچ، ملٽري ڪورٽس ۾ سويلينز ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آئيني بينچ، ملٽري ڪورٽس ۾ سويلينز ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻيءَ دوران بچاءُ واري وزارت جي وڪيل خواجا آصف جا دليل جاري رهيا،  جنهن چيو ته آرمي ايڪٽ ۽ رولز ۾ فيئر ٽرائل جو طريقيڪار فراهم ڪيو ويو آهي، ان تي جسٽس جمال مندو خيل چيو ته ملٽري ٽرائل […]

هڪ سئو نوي ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي 14 سال ۽ بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بيءَ خلاف 190ملين پائونڊ جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو جج ناصر جاويد راڻا اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو. فيصلي جي لاءِ عمران […]

پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جي ضمانت جي درخواست ۾ 27 جنوري تائين واڌ

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جي ضمانت جي درخواست ۾ 27 جنوري تائين واڌ، اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ٻڌڻي ڪئي، ڊي چوڪ تي احتجاج دوران داخل ڪيسن ۾ عمرايوب جي عبوري درخواست منظور، عمرايوب خلاف ڪوهسار ٿاڻي تي 3، نون ٿاڻي تي 2، […]

هاءِ ڪورٽس ججز جي مقرري: جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندو

اسلام آباد (نيشل ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽس ۾ ججز جي مقرري واري معاملي تي جڊيشل ڪميشن جو اهم اجلاس اڄ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندو،چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ رٿيل اجلاس ۾ اسلام آباد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس ۾ ايڊيشنل ججز جي مقرري جي معاملي تي ويچاريو ويندو، اسلام آبادهاءِ ڪورٽ لاءِ 4 ايڊيشنل ججز […]

اسرائيل جنگبندي معاهدي کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، اسرائيل جا غزا تي شديد حملا جاري

غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل جنگبندي معاهدي کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، غزا ۾ جنگبندي معاهدي باوجود اسرائيل جا غزا تي حملا جاري آهن، تازن حملن ۾ وڌيڪ 87 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته 250 زخمي ٿي پيا، اسرائيل غزا ۾ 50 کان وڌيڪ هنڌن تي بمباري ڪئي، بمباريءَ دوران پناهگير ڪئمپن ۽ گهرن کي […]

لاس اينجلس ۾ ايندڙ هفتي تيز هوائن سبب ٻيهر باهه ڀڙڪڻ جو خدشو ظاهر

لاس اينجلس (انٽرنيشنل ڊيسڪ) لاس اينجلس ۾ ايندڙ هفتي تيز هوائن سبب ٻيهر باهه ڀڙڪڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، آمريڪي اختيارين موجب باهه سبب 26 ماڻهو سڙي فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته31 ڄڻا گم آهن، وڌيڪ فوتگين جو خدشو آهي، باهه تي 55 سيڪڙو ضابطو آندو ويو آهي، رهواسين جي گهرن ۾ […]

جديد قومپرستيءَ جي باني سائين جي ايم سيد جي اڄ 121هين سالگرهه سن ۾ ملهائي پئي وڃي

سن (ويب ڊيسڪ) جديد قومپرستيءَ جي باني سائين جي ايم سيد جي اڄ 121هين سالگرهه سن ۾ ملهائي پئي وڃي،  سالگرهه تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سڄي سنڌ مان ڪارڪنن، اديبن ۽ سنڌ دوست ماڻهن جا قافلا سن پهچڻ شروع ٿي ويا، ايس ايو پي، جسقم ۽ رهبر ڪميٽي طرفان ڌار ڌار جلسن جا انتظام مڪمل […]

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ اڄ ملتان ۾ کيڏي ويندي

ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ اڄ ملتان ۾ کيڏي ويندي، ويسٽ انڊيز جي خلاف پاڪستان جي ٽيم ۾ 4 تبديليون ڪيون ويون آهن، انگلينڊ خلاف سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسپنر نعمان علي ۽ ساجد کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پليئنگ اليون ۾ ابرار احمد ٽيون اسپنر طور […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.