ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي سوال جا جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ واحد صوبو سنڌ آهي، جتي پنڪ بس هلي پئي، صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جون وڏيون اسڪيمون هلي رهيون آهن، ريڊ لائن بي آر ٽي واحد منصوبو آهي جيڪو بائيو گئس تي آهي. ڄام صادق پل ڪورنگي کي ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ڪرڻو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته هن منصوبي کي پورو ڪرڻ لاءِ ايشيئن ترقياتي بينڪ کان قرض ورتو ويو، منصوبي کي شروع ڪرڻ کان اڳ ئي ٺيڪيدارن کي هڪ ارب روپيا جاري ڪيا ويا، نگران حڪومت ۾ بي آر ٽي منصوبي تي ڪم رڪيل رهيو، ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ مسئلا پيش اچن پيا، ريڊ لائن بي آر ٽي جي رائيٽ آف وي جو مسئلو هو. هن چيو ته ڪار شو روم وارن رنڊڪ وڌي ته اوور هيڊ برج ٺهرايو وڃي، اوور هيڊ برج لاءِ اضافي اڍائي ارب رپيا ڪير ۽ ڇو ڏيندو؟ حڪومت اختيار استعمال ڪندي 48 ڪلاڪن ۾ تعميراتي ڪم شروع ڪرايو، ريڊ لائن بي آر ٽي جي روٽ تي يوٽيلٽيز شفٽنگ لاءِ ادارن کي فنڊز ڏنا، ريڊ لائن بي آر ٽي لاءِ الادين پارڪ ۾ بس ڊپو ٺاهي رهيا آهيون.