ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لائيو استاڪ ايڪسپو سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته لائيو اسٽاڪ ميلي جو افتتاح ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، لائيو اسٽاڪ جو ميلو تمام بهترين آهن، لائيو اسٽاڪ سيڪٽر کي وڌيڪ ترقي وٺرائي ويندي. زراعت ۾ سڌارن جي حوالي سان ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي مالوند واپارين کي سنڌ بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي مالوندن توڙي واپارين کي دعوت ڏجي ٿي اچي ڏسو ڪراچي ۾ اسان انهن لاءِ هي سهولت فراهم ڪيون آهن، بلاول ڀٽو زرداري جون هدايتون آهن ايگريڪلچر توڙي لائيو اسٽاڪ فشريز کي اڳتي آندو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري جون ڪوششون آهن پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ تحت سيڪٽر کي وڌيڪ اڳتي کڻي هلي سگهجي ٿو جنهن سان گهڻو فائدو حاصل ٿيندو. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ ڪاظم جتوئي پاران وڏي وزير جي آجيان ڪئي وئي. لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ ٻه هزار کان وڌيڪ جانور ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ پکي نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا، ايڪسپو ۾ 11 قسمن جا ڍور، ٻِن قسمن جون مينهون ۽ 17 قسمن جون ٻڪريون شامل آهن، ايڪسپو ۾ چئن قسمن جون رڍون، 5 قسم جا گهوڙا ۽ 2 قسم جا اٺ شامل هئا، سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 17 کان 19 جنوري 2025 تائين جاري رهندو، ان موقعي تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻيءَ جو چوڻ هو ته حڪومت مالوندن توڙي مهاڻن جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، منصوبن سان لاڳاپيل ماڻهن کي فائدو ٿيندو.