ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجو ڪئمپ آفيس اڊيالا جيل کي بڻايو آهي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته سوات سانحي تي ڊپٽي ڪمشنر بدران خيبرپختونخوا جو وڏو وزير معطل ٿيڻ گهرجي، علي امين گنڊاپور پنهنجو ڪيمپ آفيس اڊيالا جيل کي بڻايو آهي.
اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير پنهنجي صوبي ۾ وڃڻ بدران اڊيالا مان ڪم ڪري رهيو آهي.
سوات ۾ سياحن جي نه پر تحريڪ انصاف جي حڪومتي نظام جو موت ٿيو آهي، سوات ۾ سياح پنهنجيون زندگيون بچائڻ لاءِ اپيلون ڪندا رهيا پر ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين سندن لاءِ ڪا مدد نه پهتي.