رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ علائقائي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ترڪ هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو، ٻطرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ.
رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ علائقائي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان موجب 10 جولاءِ کان ڪوالالمپور، ملائيشيا ۾ ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم جي اجلاس بابت به صلاح مشورا ڪيا ويا.