تازہ ترین

وزيراعظم پاران بجليءَ جي بل مان پي ٽي وي فيس ختم ڪرڻ جو اعلان

بجلي جي 5 سئو ارب رپين جي سالياني چوري وڏو چئلينج آهي: تقريب کي خطاب

اسلام آباد  (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم بجليءَ جي بل مان پي ٽي وي جي فيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي جي 5 سئو ارب رپين جي سالياني چوري وڏو چئلينج آهي، توانائي جي شعبي ۾ بجلي چوري اهم مسئلو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پاور سمارٽ موبائيل ايپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ منصوبي جي افتتاح تي خوشي آهي.

وزيراعظم چيو ته موبائيل ايپ جو مقصد ميٽر ريڊنگ جي نظام ۾ شفافيت ۽ اوور بلنگ جو خاتمو آڻڻ آهي.

بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کڻڻ اهم اوليت هئي، محنت سان ان ۾ ڪاميابي ملي، سڌارن واري عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻو آهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آءِ پي پيز سان ڳالهيون به انتهائي اهم مرحلو هو، ملڪ ۾ سولرائزيشن جي حوصلا شڪني نه ڪئي ويندي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.