ڪرڪيٽ گرائونڊ سڪائڻا هجن ته هيلي ڪاپٽرز هوندا آهن، هنن 18 جيئرن انسانن جي لاءِ ڪو هيلي ڪاپٽر ڇونه آيو؟
ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز شخصيتن سوات درياهه ۾ مدد جي منتظر ۽ بيوسيءَ جي تصوير بڻجندڙ هڪ ئي خاندان جي 18 ماڻهن جي ٻوڏ ۾ لڙهي وڃڻ واري خوفناڪ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
سوات جي واديءَ ۾ پيش ايندڙ خوفناڪ واقعي نه رڳو پوري قوم کي سوڳوار ڪيو آهي ته اتي پاڪستاني فنڪارن کي به لوڏي ڇڏيو آهي.
پاڪستاني اداڪارا صبور علي پنهنجي انسٽاگرام گرام اسٽوريءَ تي سوال اٿاريو ته جڏهن ڪرڪيٽ گرائونڊ سڪائڻا هوندا آهن ته هيلي ڪاپٽرز اچي ويندا آهن، هنن 18 جيئرن انسانن جي لاءِ ڪا اڏام ڇو نه ڀري وئي.
اداڪارا ماهره خان ان واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي لکيو ته دل ٽُٽي وئي آهي، اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون؟ هي سڀ ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ اسان تماشائي بڻيا ويٺا آهيون.
زارا نور عباس به واقعي کي دل لوڏيندڙ قرار ڏيند چيو ته اسان جي رياست ڪڏهن جاڳندي؟ هي ٽئڪس ڏيندڙ شهري هئا، سير تي ويل هئا، جنازا کڻي واپس آيا آهن.
ڳائڻي علي ظفر، همايون سعيد، فيصل قريشي ۽ احسن خان سميت ٻين اداڪارن ۽ رانديگرن به سوشل ميڊيا تي ان سانحي تي دل ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو.