هزارين مظاهرين غزه جي يرغمالن جي آزاديءَ ۾ ناڪاميءَ تي حڪومت تي تنقيد
تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل ۾ وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت خلاف وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
تل ابيب ۾ هزارين مظاهرين غزه ۾ يرغمالن جي آزاديءَ ۾ ناڪاميءَ تي وقت جي حڪومتي تي ڇتي تنقيد ڪئي.
ان موقعي تي مظاهرين وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت کان غزه ۾ فوري طور جنگ ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو.
ياد رهي ته ان کان اڳ به اسرائيل ۾ نيتن ياهو جي خلاف ڪيترائي ڀيرا تاريخ جا وڏي ۾ وڏا احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.