يوٽيوبر هيوش 5 دنيا جو سڀ کان مٿانهون ڊومينو ٽاور ٺاهي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو
واشنگٽن ڊي سي (انٽريسٽنگ ڊيسڪ) يوٽيوبر هيوش 5 دنيا جو سڀ کان مٿانهون ڊومينو ٽاور ٺاهي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو.
مشهور يوٽيوبر ۽ ڊومينو آرٽسٽ ليلي هيوش عرف هيوش5 پنهنجي مهارت سان هڪ ٻيو شاندار مظاهرو ڪندي دنيا جو سڀ کان مٿانهون ڊومينو ٽاور ٺاهي عالمي رڪارڊ قائم ڪيو.
هي ٽاور آمريڪا جي تاريخي نيشنل بلڊنگ ميوزيم ۾ ٺاهيو ويو جنهن جي ڊگھائي 10.128 ميٽر (لڳ ڀڳ 33 فوٽ 2.74 انچ) اهي جيڪا لڳ ڀڳ هڪ ٽيلي فون پول يا 3 ماڙ عمارت جي برابر آهي.
هن رڪارڊ جوڙيندڙ ٽاور جي اڏاوت لاءِ ليليٰ سموري دنيا مان ڊومينو آرٽسٽن کي گڏ ڪيو، هن ٽيم 5 ڏينهن تائين رات ڏينهن محنت ڪئي ۽ 13 جولاءِ 2024 تي اهو شاندار ڍانچو مڪمل ڪيو.
ليليٰ وضاحت ڪئي ته ٽاور کي 2 فوٽ باءِ 2 فوٽ جي جاءِ تي ”اڪٽو ٽاور“ ٽيڪنيڪ سان ٺاهيو ويو آهي.