سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) برساتن جي ڪري ملڪ جي مختلف حصن ۾ امڪاني ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 2 ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري برسات کان پوءِ ڪابل درياهه جي وهڪري ۾ اضافو ٿيو آهي.
سوات جي درياهه جو سيلابي ريلو ڪابل درياهه ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ضلعي انتظاميه پڻ ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو آهي.
خيبرپختون خواهه جي علائقن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان جي ڪجھه علائقن ۾ گليشيئرز پگھرجڻ سان ٻوڏ جي صورتحال جو خطرو آهي.
ان کان اڳ پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ به ٻوڏ واري صورتحال جو خدشو ظاهر ڪيو ويو، ٻئي طرف سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.