ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور اداڪار ۽ پٽودي خاندان جي فرزند سيف علي خان جي گھر ۾ چوريءَ جي ارادي ۽ اداڪار تي حملو ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي خابرو اداري موجب ممبئي پوليس حملو ڪندڙ جي ڳولا لاءِ 20 ٽيمون جوڙيون هيون، گذريل ڏينهن چاقو حملي بعد پوليس حملو ڪندڙ جوابدار جا سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا هئا جنهن کان پوءِ حملو ڪندڙ کي لاڳاپيل رستي مان اداڪار جي اڱڻ ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ويو، جوابدار کي اداڪار جي گھر ۾ ڏاڪڻين وسيلي داخل ٿيندي ڏٺو ويو، جنهن کي ٽي شرٽ ۽ جينز پاتل آهي جڏهن ته ان جي ڪلهن تي نارنگي رنگ جو اسڪارف پڻ اوڍيل هو. پوليس موجب حملو ڪندڙ اداڪار کان هڪ ڪروڙ رپيا طلب ڪيا هئا، واضح رهي ته سيف علي خان کي 16 جنوري جي رات دير سان لڳ ڀڳ اڍائي وڳي ممبئيءَ جي پوش علائقي باندرا ۾ واقع گھر ۾ ڌاڙي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي حملو ڪندڙ چاقو جي حملي ۾ زخمي ڪري وڌو هو.