اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته عوام کي چوان ٿو ته مايوسي گناهه آهي، مايوس ناهي ٿيڻو، تمام جلد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪنداسين، دنيا کي اهو ٻڌائن چاهيو ٿا ته عمران خان ڪو ڏوهه يا گناهه ناهي ڪيو. عمرا خان ۽ ان جي گھرواري بشريٰ بي بي کي ملندڙ سزا وارو فيصلو ٻڌڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته عمرا خان ڪو مالي فائدو ناهي ورتو، انشاءُ الله عمران خان نه ٽٽندو، نه ئي باني پي ٽي آءِ ڪو ٺاهه ڪندو، هو اصول تي قائم آهم، هو ڄمي مقابلو ڪرڻ ڄاڻي ٿو، عمران خان کي 27 سالن کان پاڪستان ۾ انصاف جي نالي تي سياسي پارٽي ٺاهي تحريڪ هلائي، اڄ ان کي ئي انصاف ناهي مليو.