ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 9 مئي واقعن جو ماسٽر مائينڊ پي ٽي آءِ باني عمران خان آهي، پي ٽي آءِ باني کي 14 سال قيد جي سزا ملي، ڪو احتجاج نه ٿيو، ڪراچيءَ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته 9 مئي تي جڏهن پي ٽي آءِ باني گرفتار ٿيو، ان وقت ملڪ ۾ وڏي دهشتگردي ٿي، ڪراچي ۾ بسين کي باهيون ڏنيون ويون، عمارتن کي نقصان پهچايو ويو، ان وقت آيل رد عمل مان ثابت ٿيو ته ماسٽر مائينڊ پي ٽي آءِ باني هو، اڄ سندس سزا کي پنج ڪلاڪن گذري ويا پر ڪو به احتجاج لاءِ ٻاهر ناهي نڪتو، اهي سوشل ميڊيا تي جيڪا جنگ وڙهن پيا، اها ڪنهن کان ڳجھي ناهي. هنن ڄاڻي واڻي پاڪستان کي نشانو بڻايو، پي ٽي آءِ باني کي سزا ملڻ تي ماڻهو مٺائي ورهائي رهيا آهن، پي ٽي آءِ جي ڌرڻن دوران پي ٽي وي تي حملو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي دور ۾ پنجاب ۾ فرح گوگي مقرريون ۽ بدليون ڪندي هئي، اڄوڪي فيصلي پي ٽي آءِ باني جي بدنيتي وائکي ڪري ڇڏي. شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ شخص ايمانداري جو لباس اوڍي عوام کي بيوقوف بڻايو، پي ٽي آءِ باني چوندو هو ته رڳو هو ايماندار ۽ ٻيا سڀ بي ايمان آهن، هو سمجهندو هو ته هو اڪيلو ئي ايماندار ۽ ديانتدار شخص آهي، پي ٽي آءِ باني مخالفن کي نيب ذريعي انتقام جو نشانو بڻايو. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني خلاف ڳالهائيندڙ کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا هئا، پي ٽي آءِ باني جي چوڻ تي ان وقت جي نيب پ پ قيادت کي جيل ۾ وڌو.