ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ جي پاڪستان جي پهرين دستور ساز اسيمبليءَ هجڻ جي اعزاز جي موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر اويس قادر، فريال ٽالپر، سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سنڌ جو گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، صوبائي وزير، سعيد غني، سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر هجڻ تي فخر آهي، 11 آگسٽ تي قائداعظم محمد علي جناح پهرين دستور ساز اسيمبليءَ تاريخي کي خطاب ڪيو هو، سنڌ اسيمبليءَ کي پاڪستان جي پهرين قانونساز اسيمبلي هجن جو فخر حاصل آهي. ايوان ۾ موجود ميمبرن جو فرض آهي ته هو آئين جي پاسداري ڪن، پاڪستان ۾ جمهوريت جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وڏيون قربانيون ڏنيون. قائداعظم جي ڏسيل واٽ هلي ملڪ کي ترقي وٺرائي سگھجي ٿي.