سنڌ طاس معاهدي تي ڀارتي هڪ طرفي فيصلي جي عالمي قانون ۾ ڪا گنجائش ناهي: پ پ چيئرمين
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سنڌ طاس معاهدي تي عالمي ٽياڪڙي عدالت جي فيصلي جي آجيان.
پ پ چيئرمين جو چوڻ آهي ته سنڌوءَ تي حملو نامنظور، سنڌ طاس معاهدي تي ڀارت جي هڪ طرفي فيصلي جي عالمي قانون ۾ ڪا گنجائش ناهي.
عالمي ٽياڪڙي واري عدالت سنڌ طاس معاهدي تي پاڪستاني موقف جي پوئواري ڪئي آهي.
عالمي عدالت فيصلي ۾ چيو ته ڀارت طرفان معاهدي کي هڪ طرفو معطل ڪرڻ ۽ ٽياڪڙي عدالت جي ڪردار کي محدود ڪرڻ جو قدم درست ناهي.
عالمي عدالت جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ٽياڪڙي عدالت جو ڪردار واضح آهي.