تازہ ترین

اتر وزيرستان: مير علي ۾ دهشتگرد حملو، 13 جوان شهيد، 14 خارجي دهشتگرد به مارجي ويا

مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي

اتر وزيرستان (نيشنل ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن جو حملو، 13 جوان شهيد ٿي ويا، 14 خارجي به ماريا ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي.

قافلي آڏو موجود دستي بروقت ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جو ناپاڪ منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو.

دهشتگردن جي حملي ۾ 13 بهادر جوان شهيد ٿي ويا، حملو ڀارتي رياست جي پٺڀرائي هيٺ ڪم ڪندڙ گروهه ”فتنه خوارج“ذريعي ڪرايو ويو، حملي ۾ 2 ٻار ۽ هڪ عورت به زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سڪيورٽي فورسز تي حملي کان پوءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران خارجين جو پيڇو ڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 14 خارجي ماريا ويا.

شهيد جوانن ۾ صوبيدار زاهد اقبال، حوالدار سهراب خان، حوالدار ميان يوسف، نائيڪ خطاب شاهه، لانس نائيڪ اسماعيل، سپاهي روحيل ۽ محمد رمضان شامل.

آءِ ايس پي آر موجب سپاهي نواب، زبير احمد، محمد سخي، هاشم عباسي، مدثر اعجاز ۽ منظر علي به شهيدن ۾ شامل آهن،

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.