ڳوٺ گوپو پتافي ۾ گهر تي ڇاپو هڻي ٻن عورتن کي بازياب ڪرايو آهي: پوليس
يارولنڊ (ويب ڊيسڪ) يارولنڊ پوليس ڪارروائي ڪري پنجاب واسي 2 عورتون بازياب ڪرائي ورتو.
پوليس موجب ڳوٺ گوپو پتافي ۾ گهر تي ڇاپو هڻي ٻن عورتن کي بازياب ڪرايو آهي، بازياب ڪرايل عورتن ۾ افشان عرف راني آرائين ۽ اقرا شامل.
عورتن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي اغوا ڪندڙ ٽولي نشو ڏئي اغوا ڪرڻ بعد بشير پتافي کي وڪرو ڪيو، بشير پتافي به کين وڪرو ڪرڻ وارو ھو.