اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آئيني بينچ، ملٽري ڪورٽس ۾ سويلينز ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻيءَ دوران بچاءُ واري وزارت جي وڪيل خواجا آصف جا دليل جاري رهيا، جنهن چيو ته آرمي ايڪٽ ۽ رولز ۾ فيئر ٽرائل جو طريقيڪار فراهم ڪيو ويو آهي، ان تي جسٽس جمال مندو خيل چيو ته ملٽري ٽرائل جي ڪهڙي فيصلي تي اتفاق ڪيو ٿا؟ ، وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته مان ڪنهن به فيصلي تي اتفاق نه ٿو ڪيان، جسٽس عائشه ملڪ سيشن ٽو ون ڊي ون کي فيئر ٽرائل جي ابتڙ قرار ڏنو. ان تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته 21هين آئيني ترميم ۾ فيصلي جي اڪثريت ڪيتري هئي؟ خواجه حارث جواب ڏنو ته 21هين آئيني ترميم ۾ فيصلي جي اڪثريت 9 ججز جي هئي. 21 هين آئيني ترميم جو اڪثريتي فيصلو 8 ججز جو هو. جسٽس جمال مندو خيل پڇاڻو ڪيو ته 21هين آئيني ترميم کي 8 کان وڌيڪ ججز درست قرار ڏنو، عدالت آئيني ترميم ڪيس ۾ججز جي اڪثريت ايف بي علي ڪيس کي تسليم ڪيو.