تازہ ترین

هڪ سئو نوي ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي 14 سال ۽ بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد جي سزا

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بيءَ خلاف 190ملين پائونڊ جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو جج ناصر جاويد راڻا اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو. فيصلي جي لاءِ عمران خان کي اڊيالا جيل پهچايو ويو هو جڏهن ته بشريٰ بي بي ۽ چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر به جيل پهتل هئا، ان کان سواءِ شعيب شاهين، سلمان اڪرم راجه ۽ ٻيا وڪيل پڻ اڊيالا جيل ۾ موجود هئا. عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان کي 14 سال سخت پورهئي سان سزا ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جڏهن ته بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جي عمران خان ڏنڊ نٿو ڀري ته کيس وڌيڪ 6 مهينا قيد جي سزا ڀوڳڻي پوندي جڏهن ته بشريٰ بي بي جي ڏنڊ ادا نه ڪندي ته کيس 3 مهينا وڌيڪ جيل ڀوڳڻو پوندو. ان کان سواءِ عدالت القادر ٽرسٽ يونيورسٽيءَ کي حڪومتي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي، جڏهن ته جج جي طرفان فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ بشريٰ بي بي کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪيو ۽ فيصلو ٻڌائڻ کان پوءِ جج ناصر جاويد رانا عدالت مان روانو ٿي ويو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.