لاس اينجلس (انٽرنيشنل ڊيسڪ) لاس اينجلس ۾ ايندڙ هفتي تيز هوائن سبب ٻيهر باهه ڀڙڪڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، آمريڪي اختيارين موجب باهه سبب 26 ماڻهو سڙي فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته31 ڄڻا گم آهن، وڌيڪ فوتگين جو خدشو آهي، باهه تي 55 سيڪڙو ضابطو آندو ويو آهي، رهواسين جي گهرن ۾ واپسي اڃا ممڪن ناهي ٿي سگھي، باهه متاثر جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدسو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.