غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل جنگبندي معاهدي کي هوا ۾ اڏائي ڇڏيو، غزا ۾ جنگبندي معاهدي باوجود اسرائيل جا غزا تي حملا جاري آهن، تازن حملن ۾ وڌيڪ 87 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته 250 زخمي ٿي پيا، اسرائيل غزا ۾ 50 کان وڌيڪ هنڌن تي بمباري ڪئي، بمباريءَ دوران پناهگير ڪئمپن ۽ گهرن کي نشانو بڻايو ويو، شهيد ٿيندڙن ۾ 23 ٻار ۽ 27 عورتون به شامل آهن، اتر ۽ ڏکڻ غزا تي حملن ۾ 21 فلسطيني شهيد ٿي ويا، نصيرات، الشاطي، جباليه، رفح، خان يونس ۽ ٻين علائقن ۾ حملن ۾ 40 فلسطيني شهيد ٿي ويا، غزا ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 46 هزار 788 ٿي ويو، هڪ لک 10 هزار 456 زخمي ٿي چڪا.