حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ھدايتن تي حيدرآباد ۾ مسافرن کان ڳرا ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، سيڪريٽري آر ٽي اَي حيدرآباد ۽ ڄامشورو ٽول پلازه تي مسافر گاڏين کي روڪي چيڪ ڪيو، ٽرانسپورٽرن کان وڌيڪ ڀاڙو وٺي مسافرن کي واپس ڏنو ويو، سيڪريٽري آر ٽي اي سليم ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ويندڙ مسافرن، ملازمن ۽ شاگردن کان وڌيڪ ڀاڙا وٺڻ کان پاسو ڪيو وڃي.