تازہ ترین

آئين ٺاهڻ ۽ قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آئين ٺاهڻ ۽ قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي، پاڪستان جي آئين موجب پارليامينٽ ئي سڀني کان سُپريم ادارو آهي، بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي آئين جو تحفظ ڪندي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سينيئر صوبائي وزير چيو ته پيپلزپارٽي آئين جي بالادستي ۾ يقين رکي ٿي، جمهوريت جي استحڪام ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ جدوجهد پيپلز پارٽي جي تاريخ رهي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر آصف علي زرداري صدارتي اختيار گهٽائي پارليامينٽ کي مضبوط ۽ سگهارو ڪيو، آئين تحت هر ادارو پارليامينٽ مان منظور ٿيل قانون جِي پاسداري ڪرڻ جو پابند آھي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.