تازہ ترین

جڊيشل ڪميشن نه ٺهي ته حڪومت سان فوٽو سيشن لاءِ نٿا ويهي سگهون: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن نه ٺهيو ته حڪومت سان گڏ صرف فوٽو سيشن لاءِ نٿا ويهي سگهون، تحريڪ انصاف سان زيادتيون ٿيون، مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، باني ۽ بشريٰ بي بي کي جهڙي ريت سزائون ڏنيون ويون، اُهي به سڀني جي سامهون آهن. انهن سڀني شين باوجود نيڪ نيتي سان حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪيون پر عدالتي ڪميشن جوڙڻ بابت حڪومت جي نيت صاف ناهي. اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪامپليڪس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اسان حڪومت کي چيو آهي ته 7 ڏينهن ۾ اعلان ڪريو، ڪميشن ٺاهي رهيا آهيو يا نه؟ ڪميشن لاءِ جج ۽ ٽي او آرز ڪهڙا هوندا؟ اهو اڃا طئي ٿيڻو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.