مدئجي (ويب ڊيسڪ) مدئجي ويجھو فصل مان نامعلوم نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ، ڳوٺ خدابخش بروهي وٽان نامعلوم نوجوان جو گوليون لڳل لاش مليو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي ڄمار 25 کان 30 سال ٿيندي، سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.