اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ فيئر ٽرائل نه ٿيو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ صدارتي ريفرنس تي 5 صفحن تي ٻڌل اضافي نوٽ جاري ڪيو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي اضافي نوٽ ۾ لکيو ته کيس اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين ججز جا نوٽس پڙهڻ جو اتفاق ٿيو، جسٽس منصور علي شاهه جي نوٽ سان هڪ حد تائين اتفاق ڪريان ٿو، ريفرنس ۾ ڏنل راءِ ۾ ڪيس جي ميرٽس تي ڪنهن حد تائين ڳالهه ڪئي وئي، آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ صرف ايڊوائيزري دائرا اختيار رکي ٿي، فيئر ٽرائل جي سوال تي فيصلي جي پيراگراف سان اتفاق ڪيان ٿو، ذوالفقار ڀٽو ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ ۽ اپيليٽ عدالت طرفان فيئر ٽرائل جي تقاضا پوري نه ڪئي وئي.