ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ووٽ عوام جي طاقت آهي ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ووٽرن جي ڏھاڙي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڄ 7 ڊسمبر تي سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ ووٽرن جي قومي ڏينھن ملهايو پيو وڃي، ووٽرن جو قومي ڏھاڙو ملهائڻ جو مقصد ووٽ جي طاقت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي، ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بالادستي لاءِ عوام جو ووٽ ڏيڻ تمام ضروري آهي، ووٽ جي رجسٽريشن قومي فرض آهي، پنهنجو فرض سمجهي ووٽ داخل ڪرايو وڃي.