تازہ ترین

December 7, 2024

Year : 2025

ووٽ عوام جي طاقت ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ووٽ عوام جي طاقت آهي ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ووٽرن جي ڏھاڙي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اڄ 7 ڊسمبر تي سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ ووٽرن جي قومي ڏينھن ملهايو پيو وڃي، […]

اسان نه پر توهان اسان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي: مولانا فضل الرحمان

نوشهره  (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدرسن کي دٻاءَ ۾ رکيو ويو آهي، قديم ۽ جديد تعليم چوڻ جو مخالف آهيان، علم، علم آهي اهو جديد يا قديم ناهي هوندو. نوشهره م جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته  علم جي ورهاست جي […]

سياست، نفرت ۽ دشمني ۾ تبديل ٿي چڪي آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سياست، نفرت ۽ دشمني ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، اپوزيشن جو رويو معاملن کي منجهائي رهيو آهي، معاملن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوام پاڪستان پارٽي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اپوزيشن ۽ حڪمران عوام جي […]

راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، گوجرانوالا جي جڊيشل مئجسٽريٽ سدره گل نواز راڻا ثنا الله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، راڻا ثنا الله خلاف 16آڪٽوبر 2020ع تي گوجرانوالا ۾پي ڊي ايم جلسي واري ڏينهن ڪيس داخل ٿيو […]

ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، مهانگائي گهٽ ٿي آهي: محمد اورنگزيب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، مهانگائي گهٽ ٿي آهي، خانگي شعبي جو معيشت جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار آهي، پرائيويٽ سيڪٽر کي ليڊ ڪرڻو پوندو، 9سئو کان وڌيڪ جعلي پئٽرول پمپ سيل ڪيا آهن، ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير […]

ملڪ ۾ چلڊرين ڪورٽس بڻائڻ جي ضرورت آهي: جسٽس منصور علي شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ چلڊرين ڪورٽس بڻائڻ جي ضرورت آهي، عدليه کي ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، ڏسڻو پوندو ته اسان جو نظام ٻارن جي حقن لاءِ ڇا ڪري رهيو آهي؟ ٻارن کي به اظهار جي آزادي جو حق آهي، اسان جا ٻار اسان […]

پيپلز بس سروس جي هڪ سئو اسٽاپس جي اڏاوت مڪمل ٿي چڪي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران ٻِن مهينن اندر پيپلز بس سروس جي 40 اسٽاپس جي اڏاوت مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ٽرانسپورٽ کاتي سڄي سنڌ ۾ گاڏين جي جديد سائنٽيفڪ فٽنيس چيڪ ڪرڻ جو به فيصلو ڪري ورتو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز بس سروس جي هڪ سئو […]

سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ سڀاڻي ورتي ويندي، سمورا انتظام مڪمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ سڀاڻي ورتي ويندي، سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا، گهرو کاتي پاران امتحاني مرڪزن ٻاهران قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، ڪراچي يونيورسٽي، اين اي ڊي يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، پبلڪ اسڪول حيدرآباد، قائداعظم يونيورسٽي نوابشاهه، آءِ بي اي سکر ۽ پوليس ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻو ۾ ٽيسٽ ورتي […]

موسميات کاتي پاران اڄ کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڄ کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چترال، دير، سوات، مالاڪنڊ ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات جو امڪان آهي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان ٿڌيون هوائون گهُلڻ جو امڪان.

اسٽيبلشمينٽ آڇ ڪندي ته پي ٽي آءِ ڪميٽي ڳالهيون ڪندي: عليمه خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ آڇ ڪندي ته پي ٽي آءِ ڪميٽي ڳالهيون ڪندي، 9 مئي سانحي جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججز جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، مطالبا تسليم نه ٿيا ته سول نافرماني جي تحريڪ […]

Politics

Politics

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.