تازہ ترین

ملڪ ۾ چلڊرين ڪورٽس بڻائڻ جي ضرورت آهي: جسٽس منصور علي شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ چلڊرين ڪورٽس بڻائڻ جي ضرورت آهي، عدليه کي ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، ڏسڻو پوندو ته اسان جو نظام ٻارن جي حقن لاءِ ڇا ڪري رهيو آهي؟ ٻارن کي به اظهار جي آزادي جو حق آهي، اسان جا ٻار اسان لاءِ اهم هئڻ گهرجن، ٻارن کي فيصلا سازي ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. جسٽس منصور علي شاهه جو اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدليا ۾ جيڪڏهن ٻار پيش ٿيندا آهن ته انهن کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو آهي، ٻارن کي هميشه چوندو آهيان ته عدالت اچن، آئون آئيني بينچ ۾ شامل نه آهيان پر منهنجا ساٿي اوهان کي ٻڌندا، ٻار نه صرف اسان جو مستقبل پر حال به آهن، ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ اسان سڀني کي ڪم ڪرڻو پوندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.