نوشهره (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدرسن کي دٻاءَ ۾ رکيو ويو آهي، قديم ۽ جديد تعليم چوڻ جو مخالف آهيان، علم، علم آهي اهو جديد يا قديم ناهي هوندو. نوشهره م جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته علم جي ورهاست جي خلاف آهيون، مدرسن کي بيوروڪريسي ۽ اسٽيبلشمنيٽ جي ضرورت ناهي، حڪومت جي نظام ۾ رهڻ چاهيون ٿا، رياست سان ٽڪراءُ نٿا چاهيون. هن چيو ته چيو وڃي ٿو ته مدرسن جي رجسٽريشن نه ڪنداسين، حڪومت، عالمي اسٽيبلشمينٽ مدرسن کي شدت پسنديءَ طرف ڌڪي رهي آهي. هاڻ ايئن آهي ته اسان پنهنجي موقف تي ڄمي ويا آهيون. هن وقت مدرسن جا طالب دورِ حاضر واري تعليم پرائي رهيا آهن، اسان مدرسن جا اڪائونٽ کولرايون ٿا، هي بند ڪرائي ٿا ڇڏين. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان نه پر توهان اسان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي.