اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سياست، نفرت ۽ دشمني ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، اپوزيشن جو رويو معاملن کي منجهائي رهيو آهي، معاملن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوام پاڪستان پارٽي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اپوزيشن ۽ حڪمران عوام جي ڳالهه نٿا ڪن، ملڪ ۾ سياسي ڏڦيڙ پيدا ڪيو ويو آهي، ملڪ جو هر سسٽم ناڪام ٿي چڪو آهي، سڌارن جي ضرورت آهي، حڪومت ڊي چوڪ واقعي تي چوي پئي ڪجهه ناهي ٿيو، حڪومت سمجهي ٿي ته رول آف لا کانسواءِ بندوق ذريعي معيشت درست ٿيندي، ملڪ کي رول آف لا ۽ آئين تحت هلائڻ گهرجي.