اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي وفاق المدارس جي سرپرست اعليٰ سان ملاقات، محسن نقوي ۽ مولانا فضل رحيم جي وچ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ان موقعي تي وفاق المدارس جو سرپرست اعليٰ مولانا فضل رحيم چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي.