ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) اسپين ۾ طوفاني برساتن کان پوءِ ايندڙ سيلاب جي ڪري اجل جو شڪار ٿيندڙ جو تعداد 100 تائين پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين ڏهاڪن کان پوءِ بدترين سيلاب واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. ميڊيائي رپورٽن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته اوڀ صوبي وانسيا ۾ سخت برساتن جي ڪري ايندڙ ٻوڏ نه رڳو زندگيءَ جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي پر اتان جي انفرا اسٽرڪچر کي به تمام گھڻو نقصان پهچايو آهي ۽ مختلف حادثن ۾ 95 کان وڌيڪ ماڻهن جون جانيون زيان ٿي چڪيون آهن.