تازہ ترین

ارجن سان بريڪ اپ کان پوءِ ملائيڪه جي ٻن معنائن واري پوسٽ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ادارڪار ارجن ڪپور کان بريڪ اپ کانپوءِ ملائيڪه اروڙه جي ٻن معنائن واري پوسٽ سامهون آئي آهي، گذريل ڏينهن هڪ تقريب ۾ ارجن ڪپور جي اسٽيج تي اچڻ کان پوءِ ملائيڪه جي نالي جا نعره لڳا جنهن تي اداڪار چيو ته هو هاڻ سنگل آهي. بريڪ اپ کان پوءِ ملائيڪه جي ٻن معنائن واري سوشل ميڊيا جي پوسٽ سامهون آئي جنهن ۾ سندس مداحن ارجن سان ٿيندڙ بريڪ اپ ڳنڍي رهيا آهن، اداڪارا جي اها پوسٽ به وائرل ٿي رهي آهي. اداڪارا پاران شيئر ڪيل پوسٽ ۾ لکيو ويو آهي ته “هڪ گھڙيءَ لاءِ دل کي ڇهڻ، سموري زندگيءَ  لاءِ روح کي ڇُهي سگھي ٿي.” ان سان گڏ ملائڪا اروڙا پنهنجي چاهيندڙن کي صبح جو سلام به پيش ڪيو آهي. ياد رهي ته ملائيڪه ۽ ارجن 2018 ۾ ڊيٽنگ شروع ئي هئي پر هنن پنهنجي لاڳاپن کي ڪيتري ئي عرصي تائين ڳجھو رکيو هو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.