تازہ ترین

فلسطيني  ۽ لبناني عوام لاءِ امداد جو پهريون زميني قافلو اسلام آباد مان اردن روانون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي اڳراين جو شڪار فلسطيني ۽ لبناني عوام جي لاءِ انساني امداد جو پهريون زميني قافلو اسلام آباد مان روانو ڪيو ويو. وزيراعطم شهباز شريف جي هدايتن تي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) نيشنل لاجسٽڪ سيل (اين ايل سي) جي سهڪار سان فلسطين ۽ لبنان جي جنگ متاثرن جي امداد جو سلسلو وڌايو ويو آهي. اين ايل سي جا ٻه قافلا 100 ٽن گرم خيما ۽ ڪمبل کڻي اسلام آباد مان اردن روانا ٿي ويا. هن وقت تائين گڏيل طور هڪ هزار 598 ٽن امدادي سامان غزه ۽ لبنان جي جنگ متاثرن تائين پهچايو ويو آهي. اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ الوداعي تقريب ۾ ايم اين اي ملڪ ابرار ۽ ايم اين اي راجا قم الاسلام کان سواءِ فلسطين جي سفير زبير ايم ايچ درزيد ۽ لبنان جي سفير غسان خطيب به شرڪت ڪئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.