تازہ ترین

اتر غزه تي اسرائيلي حملا جاري، 3 صحافين سميت وڌيڪ 53 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ) غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري آهي، اتر غزه ۾ اسرائيلي حلمن ۾ 3 صحافين سميت 53 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ڏکڻ لبنان جي شهر سيدون ۾ اسرائيلي حملن ۾ 8 شهري شهيد ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. قابض اسرائيلي فوج اتر غزه جي ڪمال عدوان اسپتال کي کنڊر ۾ تبديل ڪرڻ بعد واپس رواني ٿي وئي. هوڏانهن گڏيل قومن جي سربراهه انتونو گوتريس جو چوڻ آهي ته اتر غزه جي ڀوائتي صورتحال کيس حيران ڪري ڇڏيو آهي. الجزيره موجب اتر غزه جي ڪڙو چاڙهيل علائقي بيت لابيه ۾ رهائشي عمارتن تي اسرائيلي تازي بمباريءَ جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 45 فسلطيني شهيد ٿي ويا. اسرائيلي فوج علائقي ۾ وڏي پئماني تي آپريشن ڪندي رهائشي عمارتن کي حدف بڻايو ۽ فلسطينين جي وڏي انگ کي گرفتار پڻ ڪري ورتو. ٻئي طرف اتر غزه ۾ شاتي پناهگير ڪئمپ ۾ واقع اسڪولي عمارت تي اسرائيلي بمباريءَ سبب 3 صحافين سميت 8 فلسطيني شهيد ٿي ويا. الجزيره موجب آچر تي حمزه ابو سليمه، سعيد رضوان ۽ جنين بارود جي شهادتن بعد 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي حملن ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙ فلسطيني صحافين جو انگ وڌي 180 ٿي ويو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.