تازہ ترین

ستاويهه آڪٽوبر 1947ع جو ڏهاڙو تاريخ جو ڪارو باب آهي: صدر زرداري/وزيراعظم

ڀارتي اڳرائي ۽ ڏاڍ خلاف ڪاري ڏينهن تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان پيغام جاري ڪيا ويا، صدر آصف علي زرداري پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته 27 آڪٽوبر 1947ع جو ڏهاڙوڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو ڪارو باب آهي، اڄوڪي ڏهاڙي تي ڀارت والاريل ڪشمير تي قبضي لاءِ فوجي هلان ڪئي، ڏهاڪن کان ڪشميري عوام ڀارتي فوج جو وحشياڻو ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهيو آهي، هن وقت تائين هزارين بيگناهه ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، ڀارت سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي، پاڪستان جو ڪشميري عوام سان ساٿ جاري رهندو. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو پاران جاري بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارتي سازشون ڪشميري عوام جي حقيقي اميدن کي دٻائي نٿيون سگهن، ڀارتي قابض فوج ڪشمير ۾ عوام تي ظلم ڪري رهي آهي، پاڪستان ڪشميريُن جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.